Showing posts with label Jan4u. Show all posts
Showing posts with label Jan4u. Show all posts

Thursday, September 8, 2011

شاعري

محمد جان ولد جمشير خان لنڊ زريناڻي بلوچ ڳوٺ پير پکڙوئي لعل پوسٽ آفيس يارو لنڊ تعلقو مير پور ماٿيلو ضلعو گھوٽڪي سکر سنڌ پاڪستان

شاعري

صنم سڏي چيو سڄي شاعري مونتي لکجانءِ
گزريل گھڙيون وسار کڻي نئين ڊائيري مونتي لکجانءِ

منهنجي حسن تي لک ، ادا تي لک ، شباب تي لکجانءِ
منهنجي ڇڪ تي لک ، سڪ تي لک ، شراب تي لکجانءِ

لکجانءِ تـ جواني جا وڻ اڀري پيا اٿس
لکجانءِ تـ باغ بدن جا گل نکري پيا اٿس

لکجانءِ تـ مونکي آرس هاڻ روز ايندي آ
لکجانءِ تـ ڪا اڻ ڄاتل خوشي محسوس ٿيندي آ

لک تـ منهنجي اکين کي ڪري مشهور لک
لک تـ منهنجي بدن جي خوشبوءِ کي ڀرپور لک

گھٽ ۾ گھٽ هيل جي ڊائيري مونتي لکجانءِ