Wednesday, September 21, 2011

شاعري ۽ ڊائيري

محمد جان لنڊ زريناڻي بلوچ ولد جمشير خان لنڊ

اٿ ميڙ ٺڪريون دل اسان جي ٽٽي پئي آ
عشق ڪندي ڪندي حياتي ئي کٽي پئي آ

جت خون جو بدلو بي خون آهي
انهي جھان کان جند ڇٽي پئي آ

متان دانهن ڏي ميئت ماڻهن کي
مرڻ کانپوءِ بي نڙي هن جي گھٽي پئي آ


پوسٽ مارٽم کانپوءِ پئي خبر
دلنواز جي دل چپي چپي چٽي پئي آ


جان جنازي تي جاني نـ آيو
لڳي ٿو سنگت اڃان رٺي پئي آ


9.9.2000


چپن جو چنگ چاتم ، ڪو ڏکارو گيت ڳاتم


ماڻهون سڀ مڙي آيا ، پر سوز نا ڪنهن سڃاتم


سڪي سڪي جو سڄڻ مليو ، ڇڪي تنهنکي ڇاتي لاتم


ڪپه جهڙي ڪولي بدن ۾ ، بره سندي ات باه پاتم


جان سان جاني جو مليو ، ساه سکيو سالن کان ڀاتم


2.9.2000


شاعر
 محمد جان لنڊ زريناڻي بلوچ
0723 717574

No comments:

Post a Comment