Friday, September 16, 2011

ڊائيري ۾ شاعري

عيد آئي مگر ڪمال ڪهڙو ٿيو
نروار نمائيش حسن و جمال ڪهڙو ٿيو
**************************
محبت تـ منڍ کان ملي ئي ڪونهي
پوءَ ڪيئن چوان پيار پئمال ڪهڙو ٿيو
**************************
جواب کڻي مونکي اچي ئي نٿو
پر ڦڪي مرڪ مرڪڻ وارو سوال ڪهڙو ٿيو
**************************
منهنجي دل توسان ، تون وري ڪنهن ٻي سان
پوءِ ڪير مڃيندو ڪيئن وصال ڪهڙو ٿيو
**************************
مستقبل بھ ايندو هر ڪنهن لاءِ 
جنهن مازي کان نھ سکيو ان جو حال ڪهڙو ٿيو
**************************
تون ڪامياب سهي ، مان ناڪام سهي
تنهنجو فيصلو محمد جان مڃي ٿو پوءِ بتال ڪهڙو ٿيو
**************************

**************************
شاعر
محمد جان زريناڻي
تاريخ
17.10.2007

No comments:

Post a Comment