Saturday, September 17, 2011

ڊائيري ۾ شاعري

قلم سڀ ڪشاده پنا تنگ ٿيا
اظهار دل جا نھ دنگ ٿيا

لفظ ميڙيم ، سٽون سهيڙيم
پيار پکيڙيم تھ نوان رنگ ٿيا

جملا ٺاهي تحرير ڪيم تيار
تھ پڙهڻ وارا مست ملنگ ٿيا

جن جي سورن ڇڏيو هو ساڙي
تنهن ياري کي وري سنگ ٿيا

سو جان ڏيندو جواب ڪهڙو
مشهور منهنجا خط جھر جھنگ ٿيا


شاعر
محمد جان زريناڻي

تاريخ
5.10.2000

No comments:

Post a Comment