Thursday, September 22, 2011

ڊائيري ۾ شاعري

تون جام تي جام ٿو پاڻ پيارين ،،  هٿ ڪلهي تي چاهت چپن ۾ قرب ساڻ پيارين ،،
وفا جو جي نٿو واعدو ڪرين ،، تون جي ڇڏي ويندين پوءِ ڇو ۽ ڇاڪاڻ پيارين ،،
نفرت جا تو ڏنا هن تحفه مونکي گهڻا ،، ڪالهـ وساري اڄ ٿو محبت جا ماڻ پيارين ،،
ايترو نشو ڪٿي مونکي نهوڙي نـ وجھي ،، سوچ سمجھ ڇڏي ٿي ٿو اڻ ڄاڻ پيارين ،،
محمد جان جڏهن ٿو موت کي ساري ،، ويئي عمر گزري تون ٿو هاڻ پيارين ،،


20.9.2000


ڇو منهنجو عزم ڪنهنجي ڪمال سان ڀيٽيو
منهنجي ابتدا کي ظالم زوال سان ڀيٽيو


پير پير کڻي مون اڃان هلڻ مس سکيو
ٿيندو وڏو ماڻهون پنهنجي خيال سان بيٽيو


ڪتاب کڻي مان مڪتب ڏي جو ويئس 
هي مستقبل آ ڪنهن چيو حال سان ڀيٽيو


قرب گھڻي سان مان جو ڪاليج پهتس
سياست جو سورمون آ چال سان ڀايٽيو


شوق مان قلم کڻي شاعر ٿيس محمد جان
هن جو جيئڻ مشقل آ محال سان ڀيٽيو


20.9.2000


شاعر 
محمد جان زريناڻي دلشاداڻي

Wednesday, September 21, 2011

شاعري ۽ ڊائيري

محمد جان لنڊ زريناڻي بلوچ ولد جمشير خان لنڊ

اٿ ميڙ ٺڪريون دل اسان جي ٽٽي پئي آ
عشق ڪندي ڪندي حياتي ئي کٽي پئي آ

جت خون جو بدلو بي خون آهي
انهي جھان کان جند ڇٽي پئي آ

متان دانهن ڏي ميئت ماڻهن کي
مرڻ کانپوءِ بي نڙي هن جي گھٽي پئي آ


پوسٽ مارٽم کانپوءِ پئي خبر
دلنواز جي دل چپي چپي چٽي پئي آ


جان جنازي تي جاني نـ آيو
لڳي ٿو سنگت اڃان رٺي پئي آ


9.9.2000


چپن جو چنگ چاتم ، ڪو ڏکارو گيت ڳاتم


ماڻهون سڀ مڙي آيا ، پر سوز نا ڪنهن سڃاتم


سڪي سڪي جو سڄڻ مليو ، ڇڪي تنهنکي ڇاتي لاتم


ڪپه جهڙي ڪولي بدن ۾ ، بره سندي ات باه پاتم


جان سان جاني جو مليو ، ساه سکيو سالن کان ڀاتم


2.9.2000


شاعر
 محمد جان لنڊ زريناڻي بلوچ
0723 717574

Tuesday, September 20, 2011

جمشير خان لنڊ زريناڻي بلوچ

 ڌڻي بخش لنڊ زريناڻي جا 4 پٽ هئا
1 ٽهل خان لنڊ
2 حاجي قيصر خان لنڊ
3 حاجي وليداد خان لنڊ 
4 رحيم فقير لنڊ

وڏو پڳدار پٽ ٽهل خان لنڊ هو ان کي 5 پٽ هئا
1 جمشير خان لنڊ
2 دلشاد خان لنڊ
3 ٻانهون خان لنڊ
4 حاجي محمود لنڊ
5 محروم نظام الدين لنڊ

وڏو پڳدار پٽ جمشير خان لنڊ هو ان کي 10 پٽ هئا
1 محمد احسان لنڊ
2 محمد جان لنڊ
3 محمد اڪرم لنڊ
4 محمد خان لنڊ
5 محمد انور لنڊ
6 محمد الياس لنڊ
7 احمد جان لنڊ
8 محمد قاسم لنڊ
9 محمد اسحاق لنڊ
10 محمد اقبال لنڊ 

جمشير خان جو وڏو پڳدار پٽ محمد احسان لنڊ زريناڻي آهي
2 محمد جان لنڊ کي 5 پٽ آهن
1 بابر علي لنڊ
2 نادر علي لنڊ
3 ناصر علي لنڊ
4 جمشير خان لنڊ
5 ساگر علي لنڊ

4 محمد خان لنڊ کي 4 پٽ آهن
1 ٽهل خان لنڊ
2 غفور احمد لنڊ
3 منصور احمد لنڊ 
4 فاروق احمد لنڊ

7 احمد جان لنڊ کي هڪ 1 پٽ آهي
1 فراز احمد لنڊ

8 محمد قاسم لنڊ کي بـ هڪ 1 پٽ آهي
1 آفتاب قاسم

نوٽ ___ اسان جو چاچو نظام الدين لنڊ وفات ڪري چڪو آهي
چاچي نظام الدين کي بـ 1 پٽ آهي
1 رضوان علي لنڊ

جمشير خان لنڊ زريناڻي جي پئداش 1935 آهي
بابا سائين جي وفات 6 نومبر 2006 آهي
اسلامي تاريخ 13 شوال 1427 هجري آهي 

منهنجا فون نمبر

0300 3190258


0333 3276476


0345 8814558


0321 3590858


mjan4u@yahoo.com


mjan4u@hotmail.com


Mohammadjanbalooch146@gmail.com


jan4u@mygamma.com


Mohammadjan.balooch1/facebook.com



Saturday, September 17, 2011

ڊائيري ۾ شاعري

مان ڀانيان مونکي ڀائي ڪو
ويٺو روح منهنجو ريجھائي ڪو

پيار ۾ پري نھ وڃبو آ
سڄڻ منهنجي کي سمجھائي ڪو

محبت جي بدلي تھ محبت ڏي
دل منهنجي سان دل ملائي ڪو

کلڻ تھ ويو آ وسري اسان کان
بس روئدن کي رهائي ڪو

هلي وڃي ڪو هيڪر
پرين سندم پرچائي ڪو

ڪو ڪري قياس اسان تي
ڀيرو ڀڃي ڀاڪر پائي ڪو

شل جاني اچي جان ٿئي
بيجان کي پنهنجو بنائي ڪو



************



شاعر 
محمد جان زريناڻي بلوچ

تاريخ
5.10.2006

ڊائيري ۾ شاعري

ڪهڙا توڏي ڪاڳر لکان
سور نه منهنجا سنهنجا سلن
خطن ۾ مان جيءِ جياريان
لفظ مرڪن ، جملا جيئن

***********************************

ديپڪ راڳ ٿو دڳ دڳ ڳائي
جاني جاني ڪري ٿو جيءِ جلائي
محمد جان من بھ ڪو راڳي آ
قرب ڪهاڻي پيو ٻارن کي ٻڌائي
***********************************
شاعر
محمد جان زريناڻي

تاريخ
6.10.2000

ڊائيري ۾ شاعري

قلم سڀ ڪشاده پنا تنگ ٿيا
اظهار دل جا نھ دنگ ٿيا

لفظ ميڙيم ، سٽون سهيڙيم
پيار پکيڙيم تھ نوان رنگ ٿيا

جملا ٺاهي تحرير ڪيم تيار
تھ پڙهڻ وارا مست ملنگ ٿيا

جن جي سورن ڇڏيو هو ساڙي
تنهن ياري کي وري سنگ ٿيا

سو جان ڏيندو جواب ڪهڙو
مشهور منهنجا خط جھر جھنگ ٿيا


شاعر
محمد جان زريناڻي

تاريخ
5.10.2000

Friday, September 16, 2011

شاعری

ٹوٹی پہوٹی شاعری میں
لکھ دیا میں نے ڈائری میں

کہانی ساری اپنے یار کی
ہر بات جو ہے دیدار کی

حسینون میں وہ حسین ہے
کو‏ئی ماہ لقا ماہ جبین ہے

کیا بات لکہون ان کے بالون کی
اس لیے فرصت چاہے سالون کی

چل کر جو چومون ان کی پیشانی
راحت ملتی ہے مجہے روحانی

چہرا ان کا چاند کی طرح چمکتا ہے
ہر دلدار کی دل میں دمکتا ہے

ہونٹ ہیں ان کے گلابی
چما یار کا کوثر شرابی

بدن یار کا بہار جیسا
ہر بہار کی نکہار جیسا

سینا ان جیسا کوئی سینا نہین
شاید بارہ ماہ میں ائیسا کوئی مہینا نہین

ہاتھ چومون یا چومون پیر
خدا کرے ان کی خیر

گلے میں وہ باہیں ڈال کے
کہتی ہے سوچ سنبہال کے

کتنا مجہے پیار کرتے ہو
جی نہین سکتے باقی میرے مرتے ہو

لکہو لکہو میری یاد لکہو
اپنے آپ کو برباد لکہو

ٹوٹ گیا حوصلا اس ‏غریب کا
یہان بس نہین چلتا کسے کے نصیب کا

جان تیری کیا مجال ہے
مر جائو گے میرا خیال ہے

پتا چلا تو قبر پہ آئون گی
اپنے قدمون کی دہول لائونگی

تیرا بدن بیقرار ہوگا
بس یہ آخری پیار ہوگا

میں نے کہا جی مہربانی
اب اگلے جہان میں ہوگی نادانی

صورت فاتھ پڑہ کر دور جانا
مجہے کر کے ہور مجبور جانا

میری آخری خواہش کا خیال کرنا
بس اپنے آپ سنبہال کرنا

اب جائو تم تمہین کام ہوگا
میرے لیے اب آیا جام ہوگا

دن قیامت کے بہی تجہے سلام ہوگا
یہ عاشق یہان وہان بدنام ہوگا

کئیسے لکہون یہ کہانی پوری
ابہی تو ہے ہر بات ادہوری

جان انتظار کرنا جان کا
میرے پیار اور میرے مان کا





شاعر
محمد جان لنڈ

شاعری

ے پہلی بارش بہار کی ہے
ے عنائت آپ کے لیے پرور دگار کی ہے
مہک اٹہا ہے سارا جہان
ہوا مین خشبوء یار کی ہے
{[[[[[[[]]]]]]]]]]]]]]]]]]]]]]]}

شاعر
محمد جان لنڈ 

ڊائيري ۾ شاعري

اي پرين ڪاش مان بادل هجان ها
توکي اس لڳي ها مان ڇانءِ ڪيان ها
توکي ڪو دهمان ڪري ها مان گجندو اچان ها
توکي ڪو هٿ لاءِ ها مان برسي پوان ها
توتي ظلم ٿئي ها مان ڳڙو ٿي لهان ها
تنهنجا گناه ڌوئڻ لاءِ مان روز وسان ها
اي پرين ڪاش مان بادل هجان ها
((((((((((((()))))))))))))))))
شاعر
محمد جان لنڊ زريناڻي

تاريخ
29.02.2007

ڊائيري ۾ شاعري

عيد آئي مگر ڪمال ڪهڙو ٿيو
نروار نمائيش حسن و جمال ڪهڙو ٿيو
**************************
محبت تـ منڍ کان ملي ئي ڪونهي
پوءَ ڪيئن چوان پيار پئمال ڪهڙو ٿيو
**************************
جواب کڻي مونکي اچي ئي نٿو
پر ڦڪي مرڪ مرڪڻ وارو سوال ڪهڙو ٿيو
**************************
منهنجي دل توسان ، تون وري ڪنهن ٻي سان
پوءِ ڪير مڃيندو ڪيئن وصال ڪهڙو ٿيو
**************************
مستقبل بھ ايندو هر ڪنهن لاءِ 
جنهن مازي کان نھ سکيو ان جو حال ڪهڙو ٿيو
**************************
تون ڪامياب سهي ، مان ناڪام سهي
تنهنجو فيصلو محمد جان مڃي ٿو پوءِ بتال ڪهڙو ٿيو
**************************

**************************
شاعر
محمد جان زريناڻي
تاريخ
17.10.2007

ڊائيري ۾ شاعري

تون هڪ ڀيرو ياد آيئن وري عيد تي
خوشيون ڪرڻ آباد آيئن وري عيد تي
_______________________
يادون تنهنجون روز جا نشا زندگي اسانجي
کڻي دارونءِ ڏيڻ داد آيئن وري عيد تي
_______________________
سکن نڀايو ناهي ، ڏکن ڇڏيو اجايو ناهي
غمن جا اٺ آڻي ڏيڻ امداد آيئن وري عيد تي
_______________________
عمر گزاريم ڪندي نوڪري در تنهنجي جي
توڏي منهنجو حساب آ کڻي فرياد آيئن وري عيد تي
________________________

________________________
شاعر
محمد جان زريناڻي
________________________

________________________
تاريخ
19.10.2007
_______________________

Thursday, September 15, 2011

ڊائيري ۾ شاعري

سج ٿورو جهڪو ٿيو ۽ رات تري آئي
هڪ ڀيرو ٻيهر تنهنجي ياد وري آئي
ڪي تارا جاڳي پيا ٻيا تارا سمهي پيا
ڪجه سپنا آيا ، سپنن ۾ تون آئين
تون واعدا وڏا ڪيا ، تو دلاسا بـ ڏنا
سج هلي آيو ، رات هلڻ لڳي
رات ختم ، ۽ تون بـ گم
تارا موٽي ويا ۽ چنڊ بـ هليو ويو
چنڊ ٻي رات ايندو ڇا تون بـ ايندين ؟ 



شاعر 
محمد جان زريناڻي

تاريخ
۲۴.۱۰.2007 

ڊائيري ۾ شاعري

ورق ڊائيري جا 
رنگ شاعري جا

قلم سان راند
عشق ڪيو قابو پلاند

روز جي اڻ تڻ 
ماڻهن ۾ ڀڻ ڀڻ

هي بـ ويو ڪم کان
کاڌائين چوٽ غم کان

محبوب بـ ڪري انڪار ويئس
ڏيندو نـ قرب اقرار ويئس

کاڌو اٿس دوکو
هاڻي جيئڻ نـ هوندس سوکو

جئيي تان ڀلي جئيي
ڏسون هاڻ ڪنهن جو ٿو ٿئي

جواني جان وڃائي ويٺو 
ڪوڙو قرب ڪمائي ويٺو

ڇا لکي ڇا لکان 
سوچان ويٺو سنگت کان سکان

دل تـ اڃان ٻار آهي
رهندي بِـ هاڻ غمسار آهي

پڙهي ڏس جملا
لکيل محمد جان جا

خبر ويندي پئجي 
جيڪي فسانا ٿيا ارمان جا



شاعر 
محمد جان زريناڻي

تاريخ
25.10.2007

Sunday, September 11, 2011

تعارف

منهنجو نالو محمد جان
منهنجي والد جو نالو جمشير خان
منهنجي ڏاڏي جو نالو ٽهل خان
منهنجي تڙ ڏاڏي جو نالو ڌڻي بخش 

۽ ڌڻي بخش وليداد لنڊ جو پٽ هيو

اسان جي ڦلي دلشاداڻي
اسان جو پاڙو زريناڻي
اسان جي ذات لنڊ  (رند) بلوچ

وڏڙا چوندا آهن تـ بلوچ حضرت امير حمزه رح جي اولاد آهن
جيڪي عرب کان ٿيندا بلوچستان آيا ، اتان ديرا غازي خان پنجاب آيا آخر ۾ ضلع گھوٽڪي سنڌ ۾ آيا 

منهنجو جنم يارو لنڊ کان 2 ڪلو ميٽر پوئيتي ڀٽ ڏيٿري ۾ ٿيو
ان کان پوءِ ديه گھڻو لنڊ لڏي آياسين 
بعد ۾ مان ديه ستيارو چڪ نمبر 1 لڳ پير پکڙوئي لعل وٽ اچي ويٺس ..
منهنجي تعليم 1 کان 5 تايئن ڀٽ ڏيٿري ۾ حا جي قيصر لنڊ پرائيمري بوائز اسڪول
6 کان 8 تايئن يارو لنڊ مڊل اسڪول
9 کان 10 تائين هاٰءِ اسڪول جروار
11 کان 12 تائين ڊگري ڪاليج مير پور ماٿيلو مان پاس ڪيو
BA لاءِ شاه عبدالطيف يونيورسٽي جي داخلا ڊگري ڪاليج گھوٽڪي ۾ ورتي ..
ڪمپيوٽر جي تعليم ڏهرڪي ڪمپيوٽر ڏهرڪي ۾ حاصل ڪئي


منهنجي پسند جو رنگ نيرو آسماني آهي
منهنجي پسند جو گل گلاب آهي
منهنجي پسند جو فنڪار 1 سرمد سنڌي 2 عابده پروين 3 ممتاز لاشاري 
پسند جو اداڪار شاه رخ خان ، عامر خان ، سلمان خان
پسند جي اداڪاره  ماڌوري ڊڪشٽ ، ڪترينا ڪيف ، ڪرينا ڪپور 
هن وقت تائين مونکي 5 پٽ ۽ 2 نياڻيون آهن
پٽ 1 بابر علي 2 نادر علي 3 ناصر علي 4 جمشير خان 5 ساگر علي آهن
اسان 10 ڀائر آهيون ۽ 7 ڀينر آهن
6 سڳا ڀائر اسان 1 محمد احسان 2 محمد جان 3 محمد خان 4 احمد جان 5 محمد خان 6 محمد اقبال 
(4) ڀائر 1 محمد اڪرم 2 محمد انور 3 محمد الياس 4 محمد اسحاق آهيون
منهنجي پئيداش 19.8.1975 آهي
منهنجي ستارو اسد (5) leo آهي 
منهنجو خشقسمت ڏينهن آچر آهي 
خوشقسمت انگ 4 آهي

Friday, September 9, 2011

شاعري ۽ ڊائيري

تنهنجي جدائي کانپوءِ
ڪيل بيوفائي کانپوءِ


مان امير تان نـ ٿيس ۽ نـ ڪو ٿيس غريب
۽ نـ درويش يا فقير ، آهي نـ ڳاله عجيب


پر ها جيڪو بي ڊائيري ۾ لکيو اٿم
سڀ ڪجھ تنهنجي سورن مان سکيو اٿم
                    ڇا اڃان بي توکي سولي سنڌي
۾ سمجھايان


پوءِ اي پرين ٻڌ “ مان بي هاڻي شاعر آهيان 




محمد جان لنڊ   
۲۴.۷.2007

ڊائيري ۾ شاعري

 لڳا نيهن نال نيلم دي ، جنهن جان ڪون چا جدا ڪيتا
هڪ جسم تي ، هڪ جان هسي ، پر پيار پري بي خدا ڪيتا
لک نرڙ تي نصيب اساڏا محبوب نال ملڻ دا مدا ڪيتا
بس جيئڻ سک جان تون ، باقي بهارين چا الوداع ڪيتا



شاعر
محمد جان لنڊ

تاريخ
۸_9_2008

ڊائيري ۾ شاعري

لڳا نيهن نال نيلم دي ، پئي ياد ول ول آويءِ
ياد يار جاني دي ، گھن ڀي دردان دي ڇل آويءِ
دل جان جگر وچون ڪر سيني ڪون ڀي سل آويءِ
سڪ سهڻي يار دي ، تن من ڪون ڀي تل آويءِ
جان روز مران ، روز جيوان من محبوب گھڙي پل آويءِ

شاعر+ محمد جان لنڊ تاريخ __ ۸_ ۹  _ 2008

ڊائيري ۾ شاعري

لڳا نيهن نال نيلم دي جنهن مار مڪا ڇوڙيا
کٽي بازي عاشق عشق دي ، پر جدائي جھور جھڪا ڇوڙيا
وفا ، بيوفائي دي خبر نه  ڪائي راز رب سائين لڪا ڇوڙيا
لکيا تون لوڙ محمد جان ، باقي تئين قرض چڪا ڇوڙيا 

شاعر __ محمد جان لنڊ   تاريخ____ 8_01_2008

Thursday, September 8, 2011

شاعري

مون لاءِ ڪل ڪائنات آهين تون
منهنجي پوري حيات آهين تون

ڪا ويل تون وسرڻ واري ناهين
ياد ڏينهن ۽ رات آهين تون

سڄي زندگي مون لاءِ رات ڪاري
پره ڦٽي پرڀات آهين تون

مور محفلن ۾ پچر پنهنجي آ
مشهور ڪرڻ واري ذات آهين تون

ڪئين وساريان توکي ڪنهن مهل
وائي سدائين وات آهين تون

مون کي تنهنجو مٺو آواز موهي ٿو
سهڻن سرن جي سوغات آهين تون

محمد جان مان رڳو جان آهيان
خواهش ، خوشيون ، جذبات آهين تون 

شاعري

محمد جان ولد جمشير خان لنڊ زريناڻي بلوچ ڳوٺ پير پکڙوئي لعل پوسٽ آفيس يارو لنڊ تعلقو مير پور ماٿيلو ضلعو گھوٽڪي سکر سنڌ پاڪستان

شاعري

صنم سڏي چيو سڄي شاعري مونتي لکجانءِ
گزريل گھڙيون وسار کڻي نئين ڊائيري مونتي لکجانءِ

منهنجي حسن تي لک ، ادا تي لک ، شباب تي لکجانءِ
منهنجي ڇڪ تي لک ، سڪ تي لک ، شراب تي لکجانءِ

لکجانءِ تـ جواني جا وڻ اڀري پيا اٿس
لکجانءِ تـ باغ بدن جا گل نکري پيا اٿس

لکجانءِ تـ مونکي آرس هاڻ روز ايندي آ
لکجانءِ تـ ڪا اڻ ڄاتل خوشي محسوس ٿيندي آ

لک تـ منهنجي اکين کي ڪري مشهور لک
لک تـ منهنجي بدن جي خوشبوءِ کي ڀرپور لک

گھٽ ۾ گھٽ هيل جي ڊائيري مونتي لکجانءِ