Saturday, September 17, 2011

ڊائيري ۾ شاعري

مان ڀانيان مونکي ڀائي ڪو
ويٺو روح منهنجو ريجھائي ڪو

پيار ۾ پري نھ وڃبو آ
سڄڻ منهنجي کي سمجھائي ڪو

محبت جي بدلي تھ محبت ڏي
دل منهنجي سان دل ملائي ڪو

کلڻ تھ ويو آ وسري اسان کان
بس روئدن کي رهائي ڪو

هلي وڃي ڪو هيڪر
پرين سندم پرچائي ڪو

ڪو ڪري قياس اسان تي
ڀيرو ڀڃي ڀاڪر پائي ڪو

شل جاني اچي جان ٿئي
بيجان کي پنهنجو بنائي ڪو



************



شاعر 
محمد جان زريناڻي بلوچ

تاريخ
5.10.2006

No comments:

Post a Comment