Thursday, September 15, 2011

ڊائيري ۾ شاعري

ورق ڊائيري جا 
رنگ شاعري جا

قلم سان راند
عشق ڪيو قابو پلاند

روز جي اڻ تڻ 
ماڻهن ۾ ڀڻ ڀڻ

هي بـ ويو ڪم کان
کاڌائين چوٽ غم کان

محبوب بـ ڪري انڪار ويئس
ڏيندو نـ قرب اقرار ويئس

کاڌو اٿس دوکو
هاڻي جيئڻ نـ هوندس سوکو

جئيي تان ڀلي جئيي
ڏسون هاڻ ڪنهن جو ٿو ٿئي

جواني جان وڃائي ويٺو 
ڪوڙو قرب ڪمائي ويٺو

ڇا لکي ڇا لکان 
سوچان ويٺو سنگت کان سکان

دل تـ اڃان ٻار آهي
رهندي بِـ هاڻ غمسار آهي

پڙهي ڏس جملا
لکيل محمد جان جا

خبر ويندي پئجي 
جيڪي فسانا ٿيا ارمان جا



شاعر 
محمد جان زريناڻي

تاريخ
25.10.2007

No comments:

Post a Comment