مون لاءِ ڪل ڪائنات آهين تون
منهنجي پوري حيات آهين تون
ڪا ويل تون وسرڻ واري ناهين
ياد ڏينهن ۽ رات آهين تون
سڄي زندگي مون لاءِ رات ڪاري
پره ڦٽي پرڀات آهين تون
مور محفلن ۾ پچر پنهنجي آ
مشهور ڪرڻ واري ذات آهين تون
ڪئين وساريان توکي ڪنهن مهل
وائي سدائين وات آهين تون
مون کي تنهنجو مٺو آواز موهي ٿو
سهڻن سرن جي سوغات آهين تون
محمد جان مان رڳو جان آهيان
خواهش ، خوشيون ، جذبات آهين تون
ڪهڙا توڏي ڪاڳر لکان
ReplyDeleteسور نا منهنجا سهنجا سلن
خطن ۾ مان جي جياريان
لفظ مرڪن ، جملا جيئن