Friday, September 16, 2011

ڊائيري ۾ شاعري

اي پرين ڪاش مان بادل هجان ها
توکي اس لڳي ها مان ڇانءِ ڪيان ها
توکي ڪو دهمان ڪري ها مان گجندو اچان ها
توکي ڪو هٿ لاءِ ها مان برسي پوان ها
توتي ظلم ٿئي ها مان ڳڙو ٿي لهان ها
تنهنجا گناه ڌوئڻ لاءِ مان روز وسان ها
اي پرين ڪاش مان بادل هجان ها
((((((((((((()))))))))))))))))
شاعر
محمد جان لنڊ زريناڻي

تاريخ
29.02.2007

No comments:

Post a Comment